ابن هشام

ابن هشام: ابن هشام عربي ٻوليءَ جو تمام وڏو تاريخدان، سيرت نگار ۽ حديثون لکندڙ ٿي گذريو آهي. سندس پورو نالو عبدالملڪ بن هشام الحميري هو. هو بصري ۾ ڄائو. هن حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي زندگيءَ تي هڪ ڪتاب لکيو. حديث ۽ تاريخ جي موضوع تي سندس لکيل ڪتاب ’سيرة ابن هشام‘ ڏاڍو مقبول ٿيو. هُن 218هه/833ع ۾ قاهره ۾ وفات ڪئي.


لفظ ابن هشامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو